Thursday, 19 March 2020

ڪرونا جي صورت ۾ ڪھڙي عام دوا کائڻ گھرجي ۽ ڪنھن کان پرھيز ڪجي

ڪجھ  بخار ۽ جسم جي سور کان بروفين ۽ سور جي ڪا ٻي دوا ، جھڙوڪ ولٽران نه کائو .

 ڪرونہ وائرس بروفين سان ري ايڪش ڪري ٿو ۽ بيماري وڌي ٿي . جي بخار يا جسم ۾ سورھجي ته صرف پيراسٽامول يا پيناڊول گوري کائو. ڪرونہ بخار گھڻو ڪري ته پاڻمرادو ئي چوڏھن ڏينھن ۾ ٺيڪ ٿي ٿو وڃي . اسي سيڪڙو ماڻھن کي ته اسپتال داخل ٿيڻو به نه ٿو پوي .پر جيڪڏھن ساھ ۾ ٿي تڪليف ٿئي ۽ بخار سو ٻه کان ٽپي وڃي ته پوء اسپتال ضرور ڪال ڪيو . ھن وائرس کان ڊڄڻو نه آھي پر منھن ڏيڻو آھي ، حوصلي ۽ ھمت سان. پر مھرباني ڪري آس پاس جي غريب غربي جو به حال احوال وٺو جئين انھن جي جوڳي مدد ڪري سگھجي . سرندئ وارن کي گذارش آھي ته پھنجي لاء پندرھن ڏينھن جي راشن وٺڻ سان گڏ ڪنھن غريب خاندان لاء به ھڪ ھفتي جو راشن وٺو . رڳو ڏھ ڪلو اٽو ، اٺ ڪلو چانور ، چار ڪلو دال ، گھ جو ا ڍائي ڪلو جو ھڪ دٻو ، مرچ ،لوڻ ء کنڊ جو ھڪ ڪلو ۽ ٻه ھٿن ڌوئڻ وارا صابڻ ء چار ڪپڙن ڌوئڻ وارا صابڻ جو ڪٽو ٺاھي پاڙي ۾ ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙن جي گھر ۾ چپ چپات ۾ پھچائي اچو . آھيو پيڪٽ پنجن ھزار کان گھٽ رقم ۾ ٺھي ويندو . ھن مصيبت ۾ پھنجي وت آهر ماڻھن جي مدد ڪيو . وبا اھڙي ظالم آھي جو ھر ڪوئي پھنجو سر بچائڻ ۾ پورو آھي .پر انسانيت اھيا آھي جو ان گھڙي ۾ پاڻ ٿرو پاڻ کان گھٽ وارن کي ساريون . Copied

Wednesday, 18 March 2020

20 مارچ کان سنڌ ۾ شروع ٿيندڙ برسات ۾ کنوڻ ڪرڻ جا واقعا وڌيڪ ٿي سگھن ٿا

#شديد_موسمي_حالتون #کنوڻ_ڪرڻ_جو_خطرو

 21 ۽ 25 
مارچ جي وچ ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ شديد موسمي حالتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ان دوران گھڻي ڪيپ انڊيڪس (CAPE index) جي ڪري کنوڻ ڪرڻ جو خطرو تمام گھڻو ھوندو. 

اھڙي کنوڻ انسانن خصوصي ھارين ۽ ڳوٺاڻن جي زندگي لاء خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿي. ان دوران ڳڙن پوڻ جو خطرو پڻ گھڻو رھندو. طاقتور بادلن يا گجگوڙن وارن بادلن جي بناوت جي ڪري رين ريٽ (rain rate) پڻ گھڻو رھي سگھي ٿو. اسپيل صوبي جي مختلف يا اڪثر علائقن کي متاثر ڪري سگھي ٿو. وڌيڪ اپڊيٽس لاء اسان جي پيج کي فالو ڪندا رھو. #موسم_جي_ايڊوائيذري #ھارين_لاء

جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڪرونا بابت ڇا ٿو چوي ـ؟

ڪوٽڙي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اهم پريس
ڪانفرنس ڪوٽڙي( ) ڪورونا عالمي وبا آهي، جيڪا حڪمرانن جي غلفت ۽ لاپرواهي سبب ايران مان آيل ماڻهن جي اسڪرينگ نه ڪرڻ سبب سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجي رهي آهي، اهڙو اظهار جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ،مرڪزي انفارمیشن سيڪريٽري ديدار شام سان گڏ ڪوٽڙي ڀٽائي ڪالوني ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هن پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ماڻهن کي حڪمرانن جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي ڪورونا وائرس کي روڪڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ جسقم ڪارڪن احتياطي تدبيرين جي مهم هلائين. هن چيو ته حڪمران سنڌ جي شهرن کي لاڪ ڊائون ڪري رهيا آهن جنهن سان سنڌ ۾ بک، بدحالي، بيروزگاري جنم وٺندي جنهن لاءِ حڪمران وٽ ڪا به پاليسي ناهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ۾ معاشي بحران، بد امني ۽ ڦرٽ جو شڪار ٿيندي، هن چيو ته حڪمرانن کي شهرن کي لاڪ ڊائون کان پهرين هر ماڻهو جي کاڌ خوراڪ، صحت جون بندوبست ڪرڻ گهرجي، اها رياست ۽ حڪمرانن جي ئي ذميواري آهي، هن چيو ته سنڌ جي اسپتالن ۾ ڪتي ۽ نانگ جي چڪ جون ويڪسين به نٿون ملن ته هن نااهل حڪمرانن وٽ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي ۽ بدوبست ٿيل آهي! رڳو ماڻهن کي کڻي آئيسولين وارڊن ۾ واڙيو وڃي ٿو، جنهن سان ماڻهو وڌيڪ پريشاني جو شڪار ٿئي ٿو، هن صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب احتياط طور ڪعبته ﷲ کي عارضي بند ڪرڻ تي شفيع برفت سوشل ميڊيا تي ڪعبته ﷲ شريف جون تصويرون رکي جيڪا ٻولي ڳالهائي آهي ان جي مذمت ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ ته سنڌي مانهو صوفي مزاج قوم آهي جيڪا پيار، امن ۽ رواداري جي پرچارڪ آهي ، سنڌي قوم ڪنهن به قسم جي نفرت کان پاڪ آهي، تنهن ڪري برفت جي اها ٻولي سنڌ جي ٻولي ناهي، سنڌ سندس ڳالهايل اهڙي ٻولي کي رد ڪري ٿي. هن پريس ڪانفرنس ۾ اهو به واضع ڪيو ته سنڌ وٽ سائين جي ايم سيد جي فڪر ۾ موجود پنهنجو الڳ پروگرام آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ عالم انسانيت لاءِ خاص پيغام موجود آهي پر اڄڪلھ جيڪي ماڻهو ٻاهر الطاف جي جهولي ۾ ويهي سنڌ جي نجات جا خواب ڏسي رهيا آهن اصل ۾ لطاف سميت انهن سڀني ماڻهن کي سنڌ رد ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته آمريڪا ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) يونٽ جي نالي ۾ ڪجه ماڻهو غلط سرگرميون ڪري رهيا آهن جڏهن ته جسقم اڳ ۾ به واضع ڪيو هو ته آمريڪا ۾ جسقم جو ڪو به يونٽ ناهي اڄ هن پريس ڪانفرنس ۾ به واضع ٿا ڪيون ته آمريڪا ۾ جسقم جو ڪو به يونٽ ناهي جيڪي ماڻهو سارنگ انصاري ۽ ٻيا جسقم جي نالي ۾ سرگرميون ڪري رهيا آهن انهن سان جسقم جو ڪو به واسطو ناهي. پريس ڪانفرنس ۾ جيئمست ڪائونسل ميمبر ڊاڪر رياض ميراڻي، جساف چيف آرگنائيزر اشرف ڪلهوڙو ۽ ٻيا موجود هئا. 

Tuesday, 17 March 2020

ڇا اوھانکي خبر آھي قرنطينـ ڇا آھي ـ؟

*قرنطينه _ڇا_آھي؟!*

 مان پنهنجي سنڌي ماڻھن کي هن موذي مرض (ڪورونا وائرس) جي باري ۾ ايتري ڄاڻ پهچايان جو اهي هر شيء کان باخبر ٿي وڃن ۽ ايترو سخت احتياط ڪن جو انهن جا خاندان هن ظالم بيماري کان پناه ۾ رهي سگهن!!! اڄ مان پنهنجي سنڌي ڀائرن کي قرنطينه جي باري ۾ آگاه ڪرڻ چاهيان ٿو ته *قرنطينه Quarantine* ڇا آھي؟!!!! اوهان ڪجھ ڏينهن کان وٺي قرنطينه جي باري ۾ ٽي وي تي ڏسندا هوندا ته فلاڻن فلاڻن شھرن ۾ قرنطينيه قائم ڪيا ويا آھن، جيئن سکر، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، جناح ھاسپيٽل ڪراچي، سول هاسپيٽل وغيره وغيره۔۔۔۔ ڪجھ وقت اڳ ۾ جڏهن ووهان ۾ چائنا پهرئين قرنطينيه هاسپيٽل ڇهن ڏينهن جي اندر جوڙي هئي ته اسان جي ماڻھن فيس بوڪ تي پوسٽون چاڙھڻ شروع ڪيون هيون ته ملڪ ته چائنا جهڙو، جنهن ڇهن ڏينهن جي مختصر ترين عرصي ۾ ڪورونا جي علاج لاء اسپتال قائم ڪري ڇڏي!!! منهنجا ڀائرو!!!! اهو ايئن نه هوندو آھي بلڪه ڪابه وڏي بلڊنگ خالي ڪرائي ويندي آھي، جنهن ۾ سوين بيڊ Beds لڳائي، ايمرجنسي ڪٽس Emergency kits سيٽ ڪري، وينٽي ليٽرس ventilators جون سهوليتون فراهم ڪري اسپتال قائم ڪئي ويندي آھي جنهن کي Isolation Hospital يا قرنطينيه سڏيو ويندو آھي ۽ اهڙي قرنطينيه چين ڇهن ڏينهن ۾ ته بلوچستان جي وزير اعلي ٻن ڏينهن ۽ سنڌ جي وزير اعلي ستن ڏينهن ۾ قائم ڪري ورتي هئي ليڪن انهن کي ڪنهن به شاباس نه ڏني!!!! *قرنطينيه Quarantine ڇا آھي؟!!!* هي هڪ محفوظ پناهگاه آھي، جتي ڪورونا وائرس جي مشڪوڪ مريضن کي باقي سموري ڪميونٽي کان الڳ ٿلڳ رکيو ويندو آھي ۽ انهن جي هر قسم جي چرپر تي پابندي (restriction) وڌي ويندي آھي ۽ کين کي هر complication ۾ علامتن موجب علاج symptomatic treatment ڪئي ويندي آھي ته اهڙي قسم جي سينٽر کي قرنطينيه سڏيو ويندو آھي!!! *Purpose of Quarantine?!!!!* Only purpose is decontamination... *مقصد ته وچڙڻ ۽ بيماري جي پکڙجڻ واري عمل کي ٻنجو ڏجي*.. ته جيئن ٻين ماڻھن کي انهيء مهلڪ بيماري کان بچائي سگهجي ۽ مريضن کي رضاڪاراڻا طورتي پنهنجو پاڻ کي قرنطينيه جي حوالي ڪرڻ گهرجي جيئن تازو اسلام آباد ۾ هڪ عورت برطانيا کان آئي ۽ اها اسلام آباد جي هڪ عام اسپتال ۾ داخل ٿي کنگھ زڪام جو علاج ڪرائڻ لڳي ۽ پوء جيئن ئي ان ۾ نمونيا جهڙا complications پئدا ٿيڻ لڳا ته ان جي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي وئي ۽ سندس اها ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي ۽ جيئن ئي ان عورت جي ٽيسٽ پازيٽو آئي ته ان عورت کي قرنطينيه شفٽ ڪري کيس کي ته ventilator تي رکيو ويو پر ان اسپتال جي ٽيهن ڊاڪٽرن کي به قرنطينيه موڪليو ويو!!! *قرنطينيه هائوس Quarantaine House* هي پنهنجو گهر ئي هوندو آھي ۽ ان گهر جي اندر هڪ ڪمرو مختص ڪيو ويندو آھي، جيئن ئي اگر ڪنهن کي خبر پئي ٿي ته کيس کي Infectious disease آھي ته پوء اهو شخص پنهنجو پاڻ کي Isolation ۾ رکندو آھي، جتي سندس جي ڊاڪٽر کانسواء ٻيو ڪوبه ماڻھو داخل ٿي نه سگهي ۽ آئسوليشن يا قرنطينيه جو مدو چوڏهن ڏينهن کان چاليهن ڏينهن تائين هوندو آھي!!! *قرنطينيه ڪيتري موثر آھي؟!!!* انهيء سوال جي جواب ۾ مان ته اهو لکندس ته اگر اوهان ٺيڪ طرح سان قرنطينيه کي Manage ڪري سگهو ٿا ته بلڪل اوهان بغير ڪنهن هٿيار/دوا درمل جي خطرناڪ ترين بيماري مان جند ڇڏائي سگهو ٿا۔۔جيئن چين پنهنجي تمام وڏي آبادي واري شھر ووهان کي هن موذي مرض کان بچائي ورتو!!!! ڪورونا يا ڪابه ٻئي بيماري جيئن ڪالرا cholera, Diphtheria, TB, Small pox, طاعون Plague, yellow fever, viral haemorhhagic fever, Ebola, severe acute جن جا وائرس ٻين ماڻھن جي لاء خطرناڪ هوندا آھن ۽ جيڪي بيماريون اسان جي ميڊيڪل جي ٻولي ۾ communicable يعني وچڙندڙ ليکبيون آھن، انهن بيمارين جي مريضن جي لاء وقت جو حڪمران آئين جي هڪ شق تحت نوٽيفڪيشن ڪڍي قرنطينه سينٽرس قائم ڪندو آھي!!! جن سينٽرس کي *Isolation centres* به سڏيو ويندو آھي۔۔۔ آئسوليشن سينٽرس يا قرنطينه ۾ ٽن قسمن جي آئسوليشن تي زور ڏنو ويندو آھي،ڇوته بيماري جي ڦھلجڻ جا ٽي رستا Routes of spreading هوندا آھن۔۔ *1 Contacts.....* هنن وچڙندڙ بيمارين ۾ خاص طور تي ڪورونا ۾ اسان کي پنهنجا سمورا جسماني رابطا ختم ڪري ڇڏڻ گهرجن ۽ايستائين جو هٿن کي اسان بااختيار بنائي ڇڏيون ته اهي دماغ کان ملندڙ ڪنهن به command کي obey نه ڪن۔۔مثال طور تي اسان کي اکين ۾ خارش ٿئي ٿي يا منهن تي ڪو مڇر چڪ ٿو هڻي ته دماغ هٿن کي حڪم ڪندو آھي ته فلاڻي جڳھ تي وڃي کنهو يا مڇر کي ماريو، اسان کي انهيء عمل کان بلڪل پري رهڻو پوندو ۽ ان کان علاوه اگر اوهان ڪنهن آفيس ۾ آھيو ۽ اوهان جي مجبوري آھي ته اوهان ماڻھن سان هٿ ملايو ته پوء سامهون واري ماڻھو کان اوهان پنهنجو ٽن فوٽن جو فاصلو رکو ۽ اوهان جي ٽيبل تي Alcohol content senitizer پيل هجي ۽ هٿ ملائڻ کان پوء اوهان اهو ذھن ۾ ضروررکجو ته هٿ ملائڻ کانپوء اوهان جو هٿ سڀ کان اڳ ۾ ان senitizer جي طرف وڃڻ گهرجي ۽ اوهان پنهنجن هٿن کي محلول سان آلو ڪريو۔۔ *سينيٽائيزر ٺاهڻ جو هڪ آسان طريقو////* ضروري ناهي ته اوهان مارڪيٽ مان مهانگا senitizer خريد ڪندا ورتو بلڪه اڄ مان توهان کي *senitizer* ٺاهڻ جو هڪ سستو ۽ تمام آسان طريقو ٻڌايان ٿو جيڪو هر آفيس وارو ۽ هر دوڪاندار پاڻ وٽ ٺاهي رکي سگهي ٿو،جنهن تي ڪوبه خاص خرچ ڪونهي۔۔۔ اوهان پنهنجي ٽيبل تي هڪ ننڍڙي پليٽ رکو ۽ ان پليٽ ۾ ڪپھ جي رول جو ٽيون حصو ڪڍي وجهو ۽ ان ڪپھ جي مٿان ايترو پاڻي هاريو جنهن ۾ ڪپھ پسي وڃي ۽ پوء اسپرٽ يا ڊيٽول جا 5 ملي ليٽر کڻي اهي به ڪپھ جي مٿان هاريو ۽ پوء اها پليٽ اوهان جي سامهون هجي، ڪنهن سان به هٿ ملائڻ کانپوء اوهان پنهنجي هٿ کي ان ڪپھ سان آلو ڪريو۔۔۔خاص طور تي بئنڪ ملازمن کي پئسن ڳڻڻ وقت پنهنجي آڱرين کي انهيء ۾ پسائڻ گهرجي ڇوته اگر خدا نخواسته نوٽن ۾ ڪورونا وائرس موجود به هوندو ته اهو نوٽ مان ڪنهن ماڻھوء کي لڳي نه سگهندو!!!! *2 Droplet...* زڪام، کنگھ ۽ نڪ وهڻ واري ماڻھوء کي پاڻ کي احتياط ڪري پنهنجي گهر کان تيستائين ٻاهر نه نڪرڻ گهرجي، جيستائين اهو پنهنجي تڪليفن کان آجو نه ٿي وڃي ۽ کيس کي پنهنجي گهر جي ڀاتين کان به گهڻو دور رهڻ گهرجي، ڇوته ڪوبه وائرس نڇون ڏيڻ، کنگهڻ، اوٻاسي ڏيڻ يا نڪ صاف ڪرڻ سان ڪنهن ٻئي ماڻھوء ۾ منتقل ٿي سگهي ٿو!!!! *3 Air Born...* ڪيترا وائرس اهڙا هوندا آھن جيڪي هوا جي ذريعي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ٿيندا آھن، ليڪن ڪورونا وائرس ۾ الله تعاليٰ جي مهرباني سان اها سگھ ڪونهي!!!! *قرنطينه جي شروعات ڪڏهن ٿي؟!!!* چوڏهين صدي ۾ سڄي دنيا جي اندر طاعون Plague ڦھليو هيو۔۔۔ڪي جهاز Venice وينائيس ملڪ جي ٻيٽ تي اچي بيٺا ۽ انهن جهازن کي انهيء جڳه تي ئي روڪيو ويو ته جيئن coastal cities کي بيماري کان بچائي سگهجي۔۔۔۽ چاليهن ڏينهن تائين جهازن کي انهيء حالت ۾ ڇڏيو ويو۔۔۔جنهن طريقي procedure کي Quarantine سڏيو ويو!!! قرنطينه سڀ کان اڳ ۾ ڪنهن ايجاد ڪيو؟!!! جنهن قرنطينه ايجاد ڪيو، ان جو نالو ايسينا Aicenna هيو.. قرنطينه ۾ ڪهڙيون سهوليتون موجود هونديون آھن؟!!! 1..standard precautions... 2..Hand hygeine 3..personal protective equipment (PPE) 3..Needle stick and sharp injury prevention.. سنڌ حڪومت هيٺين شھرن ۾ قرنطينيه سينٽرس قائم ڪيا آھن ۽ خدا نخواسته اگر ڪنهن ۾ به ڪورونا وائرس جون علامتون موجود هجن ته بغير ڪنهن دير جي، ان ماڻھوء کي ڪنهن به ويجهي سينٽر جي طرف وڃي داخلا وٺڻ گهرجي پر ان کان به بهتر ايئن آھي ته ان ماڻھوء کي پنهنجي گهر جي هڪ ڪمري کي Isolation room ٺاهڻ گهرجي ۽ اتي ڪنهن نزديڪ واري بهتر ڊاڪٽر کان علاج ڪرائي پاڻ کي Symptom free علامتن کان آجو ٿيڻ گهرجي!!! سينٽرس جا نالا هي آھن، 1. سول هاسپيٽل ڪراچي 2. لياري جنرل هاسپيٽل 3. ڊائو اوجها ڪئمپس 4. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي حيدر آباد 5. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو 6. شھيد محترما بي نظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاه 7. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو 8. GMMCH sukkur 9. GIMS sukkur.. نوٽ؛ جيترو به زياده ٿي سگهي ته هن پوسٽ کي شيئر ڪريو!!!

ڪرونا ۽ عشق رحمت الله ماڃوٺي

رحمت الله ماڃوٺي

پارڪ ۾
عهد و پيمان جو هي پهريون ڏينهن هو. هُن بي اعتباريء مان چيو : تون مونکي ڇڏي ته نه ڏيندين؟ ڏِس، آئون تنهنجي ڪري سڀ ڪجهه ڇڏي سگهان ٿي، مري سگهان ٿي . ڪنهن مهل به مون تي ڪهاڙي اڀي ٿي سگھي ٿي. ڪيڏي مهل به منهنجو مڱيندو ور ۾ هر وقت لڳل پستول ڪڍي مون تي تاڻي سگهي ٿو... پر مونکي ڪنهن به انجام جي پرواه ناهي... بس فقط تون مونکي ڇڏي نه ڏجان.
آئون اڃا ڪو جواب ڏيان تنهن کان اڳ مونکي نڇ اچي ويئي ۽ هوءَ جو وٺي ڀڳي ته اڄ ٽيون ڏينهن ٿيو آهي فون ئي بند اٿس.

ڪرونا وائرس جو سڀ کان ننڍڙو مريض


#لنڊن ۾ پيدا ٿيندڙ ھي ٻار ڪورونا جو سڀ کان ننڍڙو مريض آھي.
ھن کي ڄڻيندڙ ماء کي خبر نه ھئي ته ھوءَ پاڻ ڪورونا جي متاثر آھي. بخار سببان اسپتال آئي ۽ ماء ۽ ٻار جون ٽيسٽون ڪيون ويون ته خبر پئي ماء متاثره آھي ۽ ٻار ۾ وائرس منتقل ڪري چڪي آھي.
اللہ سائين سڀن تي رحم ڪري.

Monday, 16 March 2020

سنڌ ۾ ڪرونا جا قيس جاري..
ايران مان آيل 11 وڌيڪ ماڻهون ڪرونا پازيٽو،

  • سنڌ ۾ ڪرونا انگ 88 تائين پهچي ويو

Kario Ghanwar College Jidojehd