نم Neem Tree گھاٽي ڇانوَ ڏيندڙ وڻ آهي. هن کي هندي (اردوءَ) ۾ نيم، بنگالي ۾ سنڌي ٻوليءَ وانگر (নিম) نم ئي چيو وڃي ٿو. هن کي ملئي ٻولي ممبو Mambu ۽ سومالي ٻوليءَ Geed Hindi سڏيو وڃي ٿو. هن جو نباتاتي نالو Azadirachta Indica آهي.
نم جو ميوو نموري وڏو فائيديمند آهي. جڏھن ھي پچڻ تي ايندو آھي ته ھن ۾ مٺاڻ اچي ويندو آھي۔ ان ڪري ھن تي پکي مڙي ايندا آھن۔ ھي وڻ، بڙ وانگر چئني طرفن ۾ پکڙبو آھي۔ ھن جو ٿڙ به ٿلھو ھوندو آھي۔ جڏھن ھي وڻ پراڻو ٿي ويندو آھي ته ان مان ھڪ قسم جي رس خارج ٿيڻ شروع ٿيندي آھي جيڪا نھايت مٺي ھوندي آھي۔ ماڻھو ان کي جمع ڪري بطور خوراک استعمال ڪندا آھن۔ اها رس سڪڻ کان پوءِ کنئور جي شڪل اختيار ڪندي آھي ۽ دوائن ۾ ڪم ايندي آھي. ھن جا پن به طبي خاصيتون رکن ٿا۔ ھن جي جوشاندي ۾ وھنجڻ سان خارس ختم ٿئي ٿي۔ زخمن تي پن به ٻڌا ويندا آھن۔ ھي بھترين جراثيم ڪش وڻ آھي ۽ هن جو جوشاندو معدي کي درست ڪندو آھي. رت کي صاف ڪندو آھي پر ڪَوڙو ضرور ھوندو آھي. ھن جي ڪاٺي بڪائن کان مضبوط ٿيندي آھي. جيڪڏھن تختن مان صندوق ٺاھي ڪري ڪپڙا رکيا وڃن ته ان کي جيت نٿو لڳي۔ ھن جي ٽام مان ڏندڻ ٺاھيا وڃن ٿا جيڪي ڏندن کي جيت لڳڻ کان بچائن ٿا.
نم جو وڻ:
ھن وڻ جا پن بڪائن وانگر ڌاري دار ھوندا آھن پر ھڪ رخ کان ٿورو ڦاٽل ھوندا آھن ۽ بڪائن جي پنن جي برخلاف گوشن ۾ نڪري ايندا آھن۔ جنھن سان ھي وڻ پري کان سڃاڻي سگھجي ٿو۔ ھي وڻ طبي خاصيتن جي لحاظ کان ڏاڍو فائديمند آھي. پاڪستان ۽ ھندستان ۾ بخوبي پوکيو وڃي ٿو۔
استعمال:
روايتي طور تي نم جو استعمال مختلف بيمارين کان بچڻ ۽ انھن جي علاج جي لاءِ ڪيو وڃي ٿو۔ ٻارن ۾ بخار يا ماتا جھڙي بيماري جي صورت ۾ نم جا پن ٻارن جي بستري تي وڇايا ويندا آھن.
خارس، تيزابيت ۽ سورائسس جھڙي بيماري ۾ نم کي کَل تي لڳائڻ سان آرام ملندو آھي ۽ پاڻي اوٻاري پيئڻ سان دستن جي مريض کي فائدو ٿيندو آھي۔ گرمين ۾ سياري جي ڪپڙن کي جيتن کان بچائڻ جي لاءِ نم جي پنن کي ڪپڙي ۾ رکيو ويندو آھي۔ خشڪ سالي جي سبب جن علائقن ۾ گاھ پيدا نه ٿيندو آھي اتي جانور نم جا پن کائيندا آھن. نموري مان عمدو قدرتي ڀاڻ ٺاھيو ويندو آھي۔ نم جي ڇانوَ جو گرمي پد ٻين وڻن جي ڇانوَ کان گھڻو گھٽ ھوندو آھي.
نم جو سڀ کان وڏو ۽ عام استعمال ڏندڻ جي طور تي ٿيندو آھي۔
جديد سائنٽفڪ دريافت مطابق نم جي کل مان نڪرندڙ تيل تمام اھم ھوندو آھي ۽ ان ۾ موجود ڪجھ زھريلن مادن جو استعمال Fangus ڪوڙھ جي لاءِ ڏاڍو فائديمند ھوندو آھي۔
پاڪستاني سائنسدان ڊاڪٽر سليم الزمان صديقي اھو پھريون سائنسدان آھي جنھن نم جي وڻ مان جيت مار، ڦڦوندي ۽ بيڪٽيريا مارڻ وارا جزا ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿيو۔ 1942ع ۾ ھن نم جي تيل مان ٽي مرڪب نمب-ين، نمب-نين ۽ نمب-دين تيار ڪيا۔ ھي مرڪب نم ۾ تمام گھڻي مقدار ۾ ملن ٿا۔
نم جو شمار انھن وڻن ۾ ٿئي ٿو جيڪي آڪسيجن وڌيڪ خارج ڪن ٿا، ان ڪري هن کي ماحول دوست وڻ به قرار ڏنو ويو آهي. نم هڪ پن ڇاڻيندڙ وڻ آهي. هن کي انساني آبادين ۾ تمام گھڻي چاھ سان پوکيو وڃي ٿو. ٿر جي اسلام ڪوٽ، مٺي، ننگر پارڪر ۽ ٻين ڪجھ شھرن ۾ هٿرادو طور پوکيو ويو آهي. هن وڻ جا به دنيا جي مختلف علائقن جي موسم، آبھوا ۽ زميني حساب سان مختلف قِسمَ موجود آهن.
نم جو وڻ زمين مان پاڻي حاصل ڪري پنن جي ذريعي خارج ڪري ٿو. مينھنَ جي موسم ۾ جڏهن هوا ۾ گِھمَ جو مقدار وڌي ويندو آهي تڏهن نم جي پنن مان پاڻي ٻاهر خارج ڪرڻ وارو نظام ٻاهرين هوا جي گھم ۽ آبي بخارن جي دٻاءَ سبب متاثر ٿيندو آهي. انھي ڪري پنن مان گھربل پاڻي جا بخار ٻاهر خارج نه ٿي سگھندا آهن. انھيءَ سبب نم جي پنن جو رنگ وڌيڪ گھرو ٿي ويندو آهي. اهو عمل آبي بخارن جي هوا ۾ وڌي وڃڻ سبب برسات وسڻ کان ٿورو وقت اڳ ۾ ٿيندو آهي. پنن جي رڪيل پاڻياٺ پنن مان ٻاهر خارج نه ٿيڻ سبب پنن ۾ رهجي ويندي آهي جنھن ڪري هڪ طرف نم جي پنن جو رنگ وڌيڪ گھرو سائو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته ٻئي طرف نم جا پن ڳرا ٿي ويندا آهن ۽ ڀنل پڻ محسوس ٿيندا آهن.
حوالو
سنڌي ويڪيپيڊيا
No comments:
Post a Comment