Wednesday, 18 March 2020

20 مارچ کان سنڌ ۾ شروع ٿيندڙ برسات ۾ کنوڻ ڪرڻ جا واقعا وڌيڪ ٿي سگھن ٿا

#شديد_موسمي_حالتون #کنوڻ_ڪرڻ_جو_خطرو

 21 ۽ 25 
مارچ جي وچ ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ شديد موسمي حالتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ان دوران گھڻي ڪيپ انڊيڪس (CAPE index) جي ڪري کنوڻ ڪرڻ جو خطرو تمام گھڻو ھوندو. 

اھڙي کنوڻ انسانن خصوصي ھارين ۽ ڳوٺاڻن جي زندگي لاء خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿي. ان دوران ڳڙن پوڻ جو خطرو پڻ گھڻو رھندو. طاقتور بادلن يا گجگوڙن وارن بادلن جي بناوت جي ڪري رين ريٽ (rain rate) پڻ گھڻو رھي سگھي ٿو. اسپيل صوبي جي مختلف يا اڪثر علائقن کي متاثر ڪري سگھي ٿو. وڌيڪ اپڊيٽس لاء اسان جي پيج کي فالو ڪندا رھو. #موسم_جي_ايڊوائيذري #ھارين_لاء

جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڪرونا بابت ڇا ٿو چوي ـ؟

ڪوٽڙي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اهم پريس
ڪانفرنس ڪوٽڙي( ) ڪورونا عالمي وبا آهي، جيڪا حڪمرانن جي غلفت ۽ لاپرواهي سبب ايران مان آيل ماڻهن جي اسڪرينگ نه ڪرڻ سبب سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجي رهي آهي، اهڙو اظهار جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ،مرڪزي انفارمیشن سيڪريٽري ديدار شام سان گڏ ڪوٽڙي ڀٽائي ڪالوني ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هن پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ماڻهن کي حڪمرانن جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي ڪورونا وائرس کي روڪڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ جسقم ڪارڪن احتياطي تدبيرين جي مهم هلائين. هن چيو ته حڪمران سنڌ جي شهرن کي لاڪ ڊائون ڪري رهيا آهن جنهن سان سنڌ ۾ بک، بدحالي، بيروزگاري جنم وٺندي جنهن لاءِ حڪمران وٽ ڪا به پاليسي ناهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ۾ معاشي بحران، بد امني ۽ ڦرٽ جو شڪار ٿيندي، هن چيو ته حڪمرانن کي شهرن کي لاڪ ڊائون کان پهرين هر ماڻهو جي کاڌ خوراڪ، صحت جون بندوبست ڪرڻ گهرجي، اها رياست ۽ حڪمرانن جي ئي ذميواري آهي، هن چيو ته سنڌ جي اسپتالن ۾ ڪتي ۽ نانگ جي چڪ جون ويڪسين به نٿون ملن ته هن نااهل حڪمرانن وٽ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي ۽ بدوبست ٿيل آهي! رڳو ماڻهن کي کڻي آئيسولين وارڊن ۾ واڙيو وڃي ٿو، جنهن سان ماڻهو وڌيڪ پريشاني جو شڪار ٿئي ٿو، هن صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب احتياط طور ڪعبته ﷲ کي عارضي بند ڪرڻ تي شفيع برفت سوشل ميڊيا تي ڪعبته ﷲ شريف جون تصويرون رکي جيڪا ٻولي ڳالهائي آهي ان جي مذمت ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ ته سنڌي مانهو صوفي مزاج قوم آهي جيڪا پيار، امن ۽ رواداري جي پرچارڪ آهي ، سنڌي قوم ڪنهن به قسم جي نفرت کان پاڪ آهي، تنهن ڪري برفت جي اها ٻولي سنڌ جي ٻولي ناهي، سنڌ سندس ڳالهايل اهڙي ٻولي کي رد ڪري ٿي. هن پريس ڪانفرنس ۾ اهو به واضع ڪيو ته سنڌ وٽ سائين جي ايم سيد جي فڪر ۾ موجود پنهنجو الڳ پروگرام آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ عالم انسانيت لاءِ خاص پيغام موجود آهي پر اڄڪلھ جيڪي ماڻهو ٻاهر الطاف جي جهولي ۾ ويهي سنڌ جي نجات جا خواب ڏسي رهيا آهن اصل ۾ لطاف سميت انهن سڀني ماڻهن کي سنڌ رد ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته آمريڪا ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) يونٽ جي نالي ۾ ڪجه ماڻهو غلط سرگرميون ڪري رهيا آهن جڏهن ته جسقم اڳ ۾ به واضع ڪيو هو ته آمريڪا ۾ جسقم جو ڪو به يونٽ ناهي اڄ هن پريس ڪانفرنس ۾ به واضع ٿا ڪيون ته آمريڪا ۾ جسقم جو ڪو به يونٽ ناهي جيڪي ماڻهو سارنگ انصاري ۽ ٻيا جسقم جي نالي ۾ سرگرميون ڪري رهيا آهن انهن سان جسقم جو ڪو به واسطو ناهي. پريس ڪانفرنس ۾ جيئمست ڪائونسل ميمبر ڊاڪر رياض ميراڻي، جساف چيف آرگنائيزر اشرف ڪلهوڙو ۽ ٻيا موجود هئا. 

Kario Ghanwar College Jidojehd