ڪجھ بخار ۽ جسم جي سور کان بروفين ۽ سور جي ڪا ٻي دوا ، جھڙوڪ ولٽران نه کائو .
ڪرونہ وائرس بروفين سان ري ايڪش ڪري ٿو ۽ بيماري وڌي ٿي . جي بخار يا جسم ۾ سورھجي ته صرف پيراسٽامول يا پيناڊول گوري کائو. ڪرونہ بخار گھڻو ڪري ته پاڻمرادو ئي چوڏھن ڏينھن ۾ ٺيڪ ٿي ٿو وڃي .
اسي سيڪڙو ماڻھن کي ته اسپتال داخل ٿيڻو به نه ٿو پوي .پر جيڪڏھن ساھ ۾ ٿي تڪليف ٿئي ۽ بخار سو ٻه کان ٽپي وڃي ته پوء اسپتال ضرور ڪال ڪيو .
ھن وائرس کان ڊڄڻو نه آھي پر منھن ڏيڻو آھي ، حوصلي ۽ ھمت سان.
پر مھرباني ڪري آس پاس جي غريب غربي جو به حال احوال وٺو جئين انھن جي جوڳي مدد ڪري سگھجي . سرندئ وارن کي گذارش آھي ته پھنجي لاء پندرھن ڏينھن جي راشن وٺڻ سان گڏ ڪنھن غريب خاندان لاء به ھڪ ھفتي جو راشن وٺو .
رڳو ڏھ ڪلو اٽو ، اٺ ڪلو چانور ، چار ڪلو دال ، گھ جو ا ڍائي ڪلو جو ھڪ دٻو ، مرچ ،لوڻ ء کنڊ جو ھڪ ڪلو ۽ ٻه ھٿن ڌوئڻ وارا صابڻ ء چار ڪپڙن ڌوئڻ وارا صابڻ جو ڪٽو ٺاھي پاڙي ۾ ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙن جي گھر ۾ چپ چپات ۾ پھچائي اچو .
آھيو پيڪٽ پنجن ھزار کان گھٽ رقم ۾ ٺھي ويندو . ھن مصيبت ۾ پھنجي وت آهر ماڻھن جي مدد ڪيو .
وبا اھڙي ظالم آھي جو ھر ڪوئي پھنجو سر بچائڻ ۾ پورو آھي .پر انسانيت اھيا آھي جو ان گھڙي ۾ پاڻ ٿرو پاڻ کان گھٽ وارن کي ساريون .
Copied
No comments:
Post a Comment