تازه ترين خبرن موجب ماڪڙ سنڌ جي بينظير آباد ڊويزن جي ڪيترن ئي علائقن تي حملو ڪيو آھي، ماڪڙ جي حملي کي ناڪام ڪرڻ جو حل ھوائي جھازن وسيلي زهريلي دوائن جو ڦوهارو ڪرڻ آھي، جلدي ڪنٽرول نه ڪرڻ سبب علائقي ۾ چوپائي مال جي گاهہ جي کوٽ جو تمام وڏو خطرو پيدا ٿي پيو آھي جڏھن ته ووڻن جي فصل، جوئر ۽ ڇانودار وڻن جي ساوڪ ناس ٿيڻ جو پڻ خطرو آھي.
ماڪڙ حلال جيت آھي، جيڪڏھن ماڪڙ پچائي کائجي ته شگر ۽ بلڊ پريشر کي معتدل سطح تي آڻي ٿي، ماڪڙ ۾ زنڪ (جست) ڪافي مقدار ۾ هوندو آھي جنهنڪري دستن ۽ خطرناڪ ڊائريا کي ڪنٽرول ڪري جسم جي نمڪيات/اليڪٽرولائٽس جي سطح کي بهتر ڪري ٿي، ماڪڙ ۾ وٽامن A ۽ E ججهي مقتدار ۾ ٿئي ٿي انڪري نظر لاءِ ۽ اولاد پيدا ڪرڻ جي صلاحيت لاءِ بهترين خوراڪ آھي، اڪثر ماڻھن کي رات جو گهٽ نظر ايندو آھي ان کي پاءُ کن مڪڙن جو صاف ڪري پچائي کارائجي ته ڪجهہ ڏينهن ۾ نظر جي ڪمزوري ۽ شب ڪوري ٺيڪ ٿي ويندي.
عرب ۽ آفريڪي ملڪن ۾ ماڪڙ اڪثر پيدا ٿيندي رهندي آھي ڇو ته ماڪڙ کي پنهنجو نسل وڌائڻ لاءِ وارياسي زمين گهربل هوندي آھي، وارياسي ۽ ريگستاني زمين تي لڳاتا ٻه چار مهينا وقفي وقفي سان برسات پوي ۽ لڳاتار چار مهينا زمين مسلسل آلي رهي ته ماحول ماڪڙ جي نسل وڌائڻ لاءِ سازگار ٿي ويندو آھي ڇو ته مادي وارياسي آلي زمين ۾ سوراخ ڪري ان ۾ آنا لاهيندي آھي ۽ سوراخ بند ڪري ڇڏيندي آھي جنهن بعد ڇھن کان اٺن ڏينهن ۾ ٻچا پيدا ٿي ويندا آھن. عرب ۽ آفريڪي ملڪن ۾ ماڪڙ پيدا ٿيڻ تي ماڻھو ماڪڙ پڪري هوادار ٻورن ۾ وجهي مارڪيٽ ۾ وڃي وڪڻندا آھن جنهن کي خريدار شوق سان فرائي ڪري پچائي کائيندا آھن.
ماڪڙ مان ڪڪڙين ۽ مڇين جو بهترين فيڊ تيار ڪري سگهجي ٿو جيڪو مڇيءَ ۽ ڪڪڙين جو تيزيءَ سان وزن وڌائي سگهي ٿو ڇو ته ماڪڙ ۾ پروٽين ۽ ڪاربوهائيڊريٽ جو جهجهو مقدار موجود هوندو آه