Monday, 24 June 2019

ماڪڙن جو حملو ۽ پاڪستان جي زرعي معيشيت کي خدشو

ماڪڙن جو حملو ۽ پاڪستان جي زرعي معيشيت کي خدشو  
ڊاڪٽر رفعت سلطانا ۽ ڊاڪٽر احمد علي سميج

ٻاويهه سالن جي عرصي کان پوءِ پهريون ڀيرو ماڪڙ (تڏ) تمام وڏي تعداد ۾ ٿر، نارا ۽ بلوچستان جي صحراهن ۾ ظهور پذير ٿيو آهي. جيڪو پاڪستا زرعي ميعشيت لاءِ خطرو ٿي سگهن ٿا. ۽ وڏي آفت آڻي سگهن ٿا جيڪڏهن هنن کي ضابطي ۾ نه آندو ويو.  
تڏ جي هن نسل کي انگريزي ۾ Desert Locust چوندا آهن. هي تباهي مچائيندڙ،وڏي ميڙ ۾ تبديل ٿيندڙ ۽ وڏي اڏام رکندڙ تڏ آهي هي هر قسم جي فصل ۽ وڻن کي وڏي چاهه سان کائيندو آهي. پن، ميوو ۽ ڏانڊيون سڀ چٽ ڪري ڇڏيندا آهن.هڪڙي ڏينهن ۾پنهنجي جسم جي وزن جيترو(تقريبن 1.5 يا 2 گرام) گاهه کائيندو آهي.  
  Desert Locust مراڪش کان پاڪستان تائين تقريبن 30 ملڪن ۾ هوندو آهي ۽ تقريبن ڀروارن 60 ملڪن جي زراعت تي حملو ڪري سگهي ٿو. اهي تڏ هڪڙي اڏام سان 4500 کان 5000 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري سگهن ٿا. هي خاص ڪري دنيا جي مختلف صحرائن ڏانهن هجرت ڪندو آهي.هنن جي هجرت ۾ هوائون جي رخ جو، تيزي جو، ۽ Atmospheric Pressure جو اهم ڪردار هوندو آهي.  
هنن جو پيدائشي عمل ڏاڍو تڪڙو هوندو آهي، هڪڙي مادي 80 کان 160 آنا هڪ ئي وقت لاهيندي آهي. هي پسيل وارياسي ۽ نرم زمين ۾ 4 انچ تائين هيٺ پنهنجي پُڇ جي مدد سان آنا لاهيندي آهي.جيڪڏهن صورتحال سازگار آهي ته ٻه يا ٽن ڏينهن جي اندر ٻچا فٽي زمين مان نڪرندا آهن ۽ انهن کي ڦڪا (Hopper) چيو ويندو آهي. اهي ڦڪا 5 يا 6 کلون لاهي 20 ڏينهن جي اندر وڏي تڏ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. 
Food & Agriculture Organization (FAO) جي ماتحت ڪم ڪندڙ ڊيسڪ 
Desert Locust Information System (DLIS ماڪڙن کي ڪافي سالن کان ڪنٽرول۾رکيو ويٺو آهي. هن اداري جا هر هڪ ملڪ ۾ لوڪسٽ آفيسر مقرر ٿيل آهن. جيڪي وقتن فوقتن ماڪڙن جي صورتحال جو جائزو وٺي رپورٽ DLIS  وٽ جمع ڪرائيندا آهن. جتي به ماڪڙن جو تعداد وڌنڌو آهي انهي ايريا ۾ ڦوهارو ڪري ماڪڙن کي ماريو ويندو آهي. ۽ هر مهيني سڀني ملڪن جي تازه ترين صورتحال بابت هڪ  Bulletin شايع ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن اهڙي ڪا صورتحال هوندي آهي ته انهن  ملڪن کي خدشي بابت آگاهه ڪيو ويندو آهي.  
بهرحال ان وقت 22 سالن کان پوءِ هي صورتحالو ڇو پيش ٿي آهي، جئين ته توهان کي خبر آهي ته ڪافي وقت کان يمن ۾ هوشي باغين ۽ گورنمينٽ جي وچ ۾ سرد جنگ هلي رهي آهي. مارچ 2016 يمن ۾ ماڪڙن جو Out Break  ٿيو پر اتي جنگي حالتن سبب ماڪڙ مار ڦوهارو ٿي نه سگهيو ۽ لوڪسٽ ڪنٽرول ٽيمون فيلڊ ۾ وڃي نه سگهيو. ۽ پوءِ آهستي آهستي ماڪڙن جو تعداد وڌندو ويو تانجو اهي Gregarious Phase ۾اچي ويا. ننڍا ميڙ   (Swarm)پيدا ٿيا جيڪي ٻين ملڪن ڏانهن هجرت ڪري ويا. اسان پاڻ جون 2016 ۾ ٿر ۾ وڏي تعداد ماڪڙ ڏٺا پر اهي هتي اچي پنهنجي نسل کي وڌائي نه سگهيا ڇاڪاڻ ان وقت برساتون ايتريون نه هيون ۽ انهن جي لاءِ سائو گاهه به نه هو. اهڙي طريقي سان ٻين ملڪن ۾ ڦوهارو ڪري ماري ويو.  
پر يمن ۾ اهي وڌندا رهيا ۽ 2017 ۾ سعودي عرب ۾ حج جي دوران مڪي مڪرم ۾ به ظاهر ٿيا هئا. هنيئر تازو 2019 ۾ يمن ۾ وڏا ميڙ پيدا ٿيو جنهن بابت اسان هڪ ڪالم لکي اگريزي اخبار کي شايع ڪرڻ لاءِ ڏنو جنهن ۾اسان اڳڪٿي ڪئي هئي ته هن سال پاڪستان کي وڌيڪ خطرو آهي، ڇو ته فيبروري ۽ مارچ ۾ برساتون گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هيون جنهن سبب هتي ماڪڙن جي لاءِ ماحول سازگار ٿي ويوهو.  
تازو رمضان شريف جي مهيني ۾ ننڍا ميڙ يمن کان پاڪستان هجرت ڪري آيا ۽ هتي سازگار ماحول هجڻ ڪري انهن جو تعداد وڌنڌو ويو جنهن سبب ٺري مير واهه ٿر ۽ بلوچستان جي علائقي پنجڳور ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڦڪن جا ميڙ پيدا ٿي ويا آهن، جيڪي هتي جي زراعت کي تباهه ڪري رهيا آهن. هاڻي جيڪڏهن ماڪڙ مار ڦوهارو نه ڪيو ويو ته اهي تباهي مچائي سگهن ٿا اندازو هن مان لڳائي سگجهي ٿو.ته هڪ ڪلوميٽر اسڪوائر جو ميڙ هڪ ڏينهن ۾ ايترو کائيندو آهي جيترو 35000 ماڻهو، 20 اٺ ۽ 6 هاٿي هڪ ڏينهن ۾ کائي سگهن ٿا. مطلب ته هڪ ڏينهن ۾ ٽنن جي حساب سان وڻ ۽ گاهه چٽ ڪري ڇڏيندا آهن. ۽ جتان به گذرندا آهن پويان ساوڪ نالي ڪا شي به نه رهندي آهي.  
2005-2003 جي دوران اولهه آفريڪا جي ملڪن ۾ ماڪڙن ايڏي ته تباهي آندي جو اتي 8 ملين ماڻهن جي 80 سيڪڙو زرعي پيدوار تباهه ٿي وئي.۽ FAO ماڪڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ 570 ملين ڊالر خرچ ڪيا هئا. مطلب ته انهن ملڪن جو ماڪڙن ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو هيو. هاڻي اسان جي اعليٰ اختيارين کي گذارش آهي ته هن صورتحال جو جائزو وٺي ڪري ملڪ کي قحط سالي کان بچايووڃي. ڇوته جيڪڏهن هنن جو هتي تعدد وڌي ويو ته ڪنٽرول ڪرڻ 
لاءِ ڪافي سال لڳي ويندا.....


Wednesday, 19 June 2019

مگر او سانورا پرين! چڱي نه خودڪشي هئي

بي وڙي،   بي   چسي،    ذليل   زندگي   هئي،
مگر او سانورا پرين! چڱي نه خودڪشي هئي.
جهڏو ڀرسان آدم موري واسي نوجوان هاري جگشي ڪولهي غربت سبب آپگهات ڪري ڇڏيو

Tuesday, 18 June 2019

هن سڄي سنسار ۾ هڪ يار سان ياري اٿم


راجستان انڊيا جي هن فنڪار سانوڻ فقير به سنڌي گيت سان واهه جو نڀايو آهي.

Sunday, 16 June 2019

Neem Tree گھاٽي ڇانوَ ڏيندڙ وڻ آهي




نم Neem Tree گھاٽي ڇانوَ ڏيندڙ وڻ آهي. هن کي هندي (اردوءَ) ۾ نيم، بنگالي ۾ سنڌي ٻوليءَ وانگر (নিম) نم ئي چيو وڃي ٿو. هن کي ملئي ٻولي ممبو Mambu ۽ سومالي ٻوليءَ Geed Hindi سڏيو وڃي ٿو. هن جو نباتاتي نالو Azadirachta Indica آهي. 


نم جو ميوو نموري وڏو فائيديمند آهي. جڏھن ھي پچڻ تي ايندو آھي ته ھن ۾ مٺاڻ اچي ويندو آھي۔ ان ڪري ھن تي پکي مڙي ايندا آھن۔ ھي وڻ، بڙ وانگر چئني طرفن ۾ پکڙبو آھي۔ ھن جو ٿڙ به ٿلھو ھوندو آھي۔ جڏھن ھي وڻ پراڻو ٿي ويندو آھي ته ان مان ھڪ قسم جي رس خارج ٿيڻ شروع ٿيندي آھي جيڪا نھايت مٺي ھوندي آھي۔ ماڻھو ان کي جمع ڪري بطور خوراک استعمال ڪندا آھن۔ اها رس سڪڻ کان پوءِ کنئور جي شڪل اختيار ڪندي آھي ۽ دوائن ۾ ڪم ايندي آھي. ھن جا پن به طبي خاصيتون رکن ٿا۔ ھن جي جوشاندي ۾ وھنجڻ سان خارس ختم ٿئي ٿي۔ زخمن تي پن به ٻڌا ويندا آھن۔ ھي بھترين جراثيم ڪش وڻ آھي ۽ هن جو جوشاندو معدي کي درست ڪندو آھي. رت کي صاف ڪندو آھي پر ڪَوڙو ضرور ھوندو آھي. ھن جي ڪاٺي بڪائن کان مضبوط ٿيندي آھي. جيڪڏھن تختن مان صندوق ٺاھي ڪري ڪپڙا رکيا وڃن ته ان کي جيت نٿو لڳي۔ ھن جي ٽام مان ڏندڻ ٺاھيا وڃن ٿا جيڪي ڏندن کي جيت لڳڻ کان بچائن ٿا.

نم جو وڻ:
ھن وڻ جا پن بڪائن وانگر ڌاري دار ھوندا آھن پر ھڪ رخ کان ٿورو ڦاٽل ھوندا آھن ۽ بڪائن جي پنن جي برخلاف گوشن ۾ نڪري ايندا آھن۔ جنھن سان ھي وڻ پري کان سڃاڻي سگھجي ٿو۔ ھي وڻ طبي خاصيتن جي لحاظ کان ڏاڍو فائديمند آھي. پاڪستان ۽ ھندستان ۾ بخوبي پوکيو وڃي ٿو۔

استعمال:
روايتي طور تي نم جو استعمال مختلف بيمارين کان بچڻ ۽ انھن جي علاج جي لاءِ ڪيو وڃي ٿو۔ ٻارن ۾ بخار يا ماتا جھڙي بيماري جي صورت ۾ نم جا پن ٻارن جي بستري تي وڇايا ويندا آھن.

خارس، تيزابيت ۽ سورائسس جھڙي بيماري ۾ نم کي کَل تي لڳائڻ سان آرام ملندو آھي ۽ پاڻي اوٻاري پيئڻ سان دستن جي مريض کي فائدو ٿيندو آھي۔ گرمين ۾ سياري جي ڪپڙن کي جيتن کان بچائڻ جي لاءِ نم جي پنن کي ڪپڙي ۾ رکيو ويندو آھي۔ خشڪ سالي جي سبب جن علائقن ۾ گاھ پيدا نه ٿيندو آھي اتي جانور نم جا پن کائيندا آھن. نموري مان عمدو قدرتي ڀاڻ ٺاھيو ويندو آھي۔ نم جي ڇانوَ جو گرمي پد ٻين وڻن جي ڇانوَ کان گھڻو گھٽ ھوندو آھي.

نم جو سڀ کان وڏو ۽ عام استعمال ڏندڻ جي طور تي ٿيندو آھي۔

جديد سائنٽفڪ دريافت مطابق نم جي کل مان نڪرندڙ تيل تمام اھم ھوندو آھي ۽ ان ۾ موجود ڪجھ زھريلن مادن جو استعمال Fangus ڪوڙھ جي لاءِ ڏاڍو فائديمند ھوندو آھي۔

پاڪستاني سائنسدان ڊاڪٽر سليم الزمان صديقي اھو پھريون سائنسدان آھي جنھن نم جي وڻ مان جيت مار، ڦڦوندي ۽ بيڪٽيريا مارڻ وارا جزا ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿيو۔ 1942ع ۾ ھن نم جي تيل مان ٽي مرڪب نمب-ين، نمب-نين ۽ نمب-دين تيار ڪيا۔ ھي مرڪب نم ۾ تمام گھڻي مقدار ۾ ملن ٿا۔

نم جو شمار انھن وڻن ۾ ٿئي ٿو جيڪي آڪسيجن وڌيڪ خارج ڪن ٿا، ان ڪري هن کي ماحول دوست وڻ به قرار ڏنو ويو آهي. نم هڪ پن ڇاڻيندڙ وڻ آهي. هن کي انساني آبادين ۾ تمام گھڻي چاھ سان پوکيو وڃي ٿو. ٿر جي اسلام ڪوٽ، مٺي، ننگر پارڪر ۽ ٻين ڪجھ شھرن ۾ هٿرادو طور پوکيو ويو آهي. هن وڻ جا به دنيا جي مختلف علائقن جي موسم، آبھوا ۽ زميني حساب سان مختلف قِسمَ موجود آهن.
نم جو وڻ زمين مان پاڻي حاصل ڪري پنن جي ذريعي خارج ڪري ٿو. مينھنَ جي موسم ۾ جڏهن هوا ۾ گِھمَ جو مقدار وڌي ويندو آهي تڏهن نم جي پنن مان پاڻي ٻاهر خارج ڪرڻ وارو نظام ٻاهرين هوا جي گھم ۽ آبي بخارن جي دٻاءَ سبب متاثر ٿيندو آهي. انھي ڪري پنن مان گھربل پاڻي جا بخار ٻاهر خارج نه ٿي سگھندا آهن. انھيءَ سبب نم جي پنن جو رنگ وڌيڪ گھرو ٿي ويندو آهي. اهو عمل آبي بخارن جي هوا ۾ وڌي وڃڻ سبب برسات وسڻ کان ٿورو وقت اڳ ۾ ٿيندو آهي. پنن جي رڪيل پاڻياٺ پنن مان ٻاهر خارج نه ٿيڻ سبب پنن ۾ رهجي ويندي آهي جنھن ڪري هڪ طرف نم جي پنن جو رنگ وڌيڪ گھرو سائو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته ٻئي طرف نم جا پن ڳرا ٿي ويندا آهن ۽  ڀنل پڻ محسوس ٿيندا آهن.

حوالو
سنڌي ويڪيپيڊيا

Saturday, 15 June 2019

گروپ جي سڀني ميمبرن کي گذارش آهي ته پنهنجي پنهنجي شهرن جي رپورٽنگ سنڀالين تفصيلي خبرون تصويرن ۽ ويڊيوز سان گڏ اسان کي واٽسپ ڪن،ايس ايم ايس نيوز سروس لاء شارٽ نيوز ايس ايم ايس به ڪري سگهو ٿا، پنهنجي آسپاس دوستن کي سنڌ ٽائمز ايس ايم ايس نيوز سروس ٽويٽر وسيلي  ايڪٽيويٽ پڻ ڪرايو، ياد رهي ته خبرون پنهنجي نالي سميت موڪليندا ۽ هر خبر جي شروعات ۾ شهر جو نالو ضرور لکندا، طريقيڪار
موبائل مسج ۾ لکندا
Follow Sindh_TimeZ
۽ موڪليندا 40404 تي.
فيس بڪ تي اسان پيج لائيڪ ڪندا
facebook.com/SindhTimez
خبرون ويب سائيٽ تي اپڊيٽ ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا پيجز تي پڻ شيئر ڪيون وينديون، ويڊيو ايڊيٽنگ سان پنهنجي آواز سان ايڊيٽ ڪيل رپورٽس به موڪلي سگهو ٿا لوگو جي لاء رابطو ڪندا 03233113493 تي، ويب سائيٽ وزٽ لاء
www.sindhtimez.blogspot.com

Friday, 14 June 2019

ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽي تي آباد ڪيئي ڳوٺن کي سمنڊ جي لهرن ٻوڙي ڇڏيو







ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽي تي آباد ڪيئي ڳوٺن کي سمنڊ جي لهرن ٻوڙي ڇڏيو نازڪ بچاء بند لڙھي ويا بچاء بندن جي خاطر ايندڙ بجٽ الئه ڪنهن جي پڇواڙي ۾ گھڙندي آھي انتظاميه گهري ننڊ ۾ ستل ۽ ماڻھن دربدر آھن کاروڇاڻ سٽي ۽ آسپاس جي تقريبن سڀ ڳوٺن ۾ پاڻي اچي ويو آھي ڳوٺ قادر بخش ساڪاڻي جي رهواسين ڳوٺ ڇڏي اچي ٻگھاڻ ۾ پناه ورتي سندن جانور ۽ سامان وغيره اڃان اتي ڦاٿل آھن کاروڇاڻ جي ڳوٺ رمضان سهتو ۾ به پاڻي بيٺل آھي ھڪ ڏکيائي اها به آھي ته انهن کي پيئڻ جو مٺو ۽ صاف پاڻي به نصيب نه ٿو ٿئي ڳاڙھو ۾ به ڳوٺ محمد علي شولاڻي سميت ڪافي ڳوٺ متاثر آھن ڪوسٽل هاء وي تي به ڳوٺ عارب جت ۽ ٻين ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل آھي ڪيٽي بندر جوهو ۾ به جتن جي ڳوٺن ۾ پاڻي لهي ويو . انتظاميه ننڊ مان الئه ڪڏهن جاڳي ڊي سي صاحب به وڏيرن جون دعوتون کائي انهن سان ڏيتي ليتي ڪري هليو وڃين مجال آھي ڪنهن متاثر ڳوٺ ۾ پڇاڻو ڪري انتظاميه کي عرض آھي متاثرن جي سار لهو يا صفا هٿ ڪڍو اسين جھولي فنڊ ڪري پاڻ بچاء بند بنايون

Kario Ghanwar College Jidojehd