ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽي تي آباد ڪيئي ڳوٺن کي سمنڊ جي لهرن ٻوڙي ڇڏيو نازڪ بچاء بند لڙھي ويا بچاء بندن جي خاطر ايندڙ بجٽ الئه ڪنهن جي پڇواڙي ۾ گھڙندي آھي انتظاميه گهري ننڊ ۾ ستل ۽ ماڻھن دربدر آھن کاروڇاڻ سٽي ۽ آسپاس جي تقريبن سڀ ڳوٺن ۾ پاڻي اچي ويو آھي ڳوٺ قادر بخش ساڪاڻي جي رهواسين ڳوٺ ڇڏي اچي ٻگھاڻ ۾ پناه ورتي سندن جانور ۽ سامان وغيره اڃان اتي ڦاٿل آھن کاروڇاڻ جي ڳوٺ رمضان سهتو ۾ به پاڻي بيٺل آھي ھڪ ڏکيائي اها به آھي ته انهن کي پيئڻ جو مٺو ۽ صاف پاڻي به نصيب نه ٿو ٿئي ڳاڙھو ۾ به ڳوٺ محمد علي شولاڻي سميت ڪافي ڳوٺ متاثر آھن ڪوسٽل هاء وي تي به ڳوٺ عارب جت ۽ ٻين ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل آھي ڪيٽي بندر جوهو ۾ به جتن جي ڳوٺن ۾ پاڻي لهي ويو . انتظاميه ننڊ مان الئه ڪڏهن جاڳي ڊي سي صاحب به وڏيرن جون دعوتون کائي انهن سان ڏيتي ليتي ڪري هليو وڃين مجال آھي ڪنهن متاثر ڳوٺ ۾ پڇاڻو ڪري انتظاميه کي عرض آھي متاثرن جي سار لهو يا صفا هٿ ڪڍو اسين جھولي فنڊ ڪري پاڻ بچاء بند بنايون
Friday, 14 June 2019
Sunday, 9 June 2019
لڄالٽ جو شڪار ٿيل نياڻي جمنا کي حيدرآباد سول اسپتال جي عملي ڌڪا ڏئي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو
13 سالن جي لڄالٽ جو شڪار ٿيل نياڻي جمنا کي حيدرآباد سول اسپتال جي عملي ڌڪا ڏئي گِھلي اھو چئي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو تہ وڃي ٽنڊو محمد خان مان علاج ڪرايو.. ڪٿي آھن سنڌ جا غيرت برگيڊ وارث؟؟ ڪٿي آھن حڪمران ؟ ڪٿي آھي گورنمينٽ؟ ڪٿي آھن سنڌ جا ساڃاه وند ؟ جتي پني پيٽ پالڻ واريون معصوم نياڻيون محفوظ نه ھجن اتي ڪھڙي ثقافت جي ڳالھ ٿا ڪريو.
ڪنڌ ڪوٽ جي 50 سالن جي جانل زال وريام مڙس ھٿان ڪارنھن جي الزام تحت بيدرديءَ سان قتل
ڪنڌ ڪوٽ جي 50 سالن جي جانل زال وريام مڙس ھٿان ڪارنھن جي الزام تحت بيدرديءَ سان قتل: افسوس آھي ته گھڻي سوچڻ کانپوءِ به سمجھ نه آيو ته ڇا ھي اڇي مٿي واري ڪراڙي جيڪا مشڪل سان ھلي ڦري سگھندي ھئي، ڪاري ھوندي ؟ مڙس موقعي تان فرار ٿي ويو,
اسانجي سنڌي سماج جو سوچ ئي اهو آھي
ڇا لکون سنڌ جي ان سونهن تي جنهن
سونهن کي ڪوڙي غيرت ڪوڙي انا جي خاطر هٿ سان اجاڙيو پيو وڃي
سنڌي قوم جي اٻوجھ مسڪينن کي ڄاڻي واڻي ان ڪوڙي غيرت واري ڌٻڻ ۾ فاسائي قوم جو اصتحصال ڪيو پيو وڃي,
Saturday, 8 June 2019
Subscribe to:
Posts (Atom)
-
ڪنڌ ڪوٽ جي 50 سالن جي جانل زال وريام مڙس ھٿان ڪارنھن جي الزام تحت بيدرديءَ سان قتل: افسوس آھي ته گھڻي سوچڻ کانپوءِ به سمجھ نه آيو ته ڇا ...
-
نم Neem Tree گھاٽي ڇانوَ ڏيندڙ وڻ آهي. هن کي هندي (اردوءَ) ۾ نيم، بنگالي ۾ سنڌي ٻوليءَ وانگر (নিম) نم ئي چيو وڃي ٿو. هن کي ملئ...