Sunday, 9 June 2019

لڄالٽ جو شڪار ٿيل نياڻي جمنا کي حيدرآباد سول اسپتال جي عملي ڌڪا ڏئي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو

13 سالن جي لڄالٽ جو شڪار ٿيل  نياڻي جمنا کي حيدرآباد سول اسپتال جي عملي ڌڪا ڏئي گِھلي اھو چئي ٻاھر  ڪڍي ڇڏيو تہ وڃي ٽنڊو محمد خان مان علاج ڪرايو.. ڪٿي آھن سنڌ جا غيرت برگيڊ وارث؟؟ ڪٿي آھن حڪمران ؟ ڪٿي آھي گورنمينٽ؟ ڪٿي آھن سنڌ جا ساڃاه وند ؟ جتي پني پيٽ پالڻ واريون معصوم نياڻيون محفوظ نه ھجن اتي ڪھڙي ثقافت جي ڳالھ ٿا ڪريو.

ڪنڌ ڪوٽ جي 50 سالن جي جانل زال وريام مڙس ھٿان ڪارنھن جي الزام تحت بيدرديءَ سان قتل

ڪنڌ ڪوٽ جي 50 سالن جي جانل زال وريام مڙس ھٿان ڪارنھن جي الزام تحت بيدرديءَ سان قتل: افسوس آھي ته گھڻي سوچڻ کانپوءِ به سمجھ نه آيو ته ڇا ھي اڇي مٿي واري ڪراڙي جيڪا مشڪل سان ھلي ڦري سگھندي ھئي، ڪاري ھوندي ؟  مڙس موقعي تان فرار ٿي ويو,

اسانجي سنڌي  سماج جو سوچ ئي اهو آھي 
 ڇا لکون سنڌ جي ان سونهن تي جنهن  
 سونهن کي  ڪوڙي غيرت ڪوڙي انا جي خاطر هٿ سان  اجاڙيو پيو وڃي 
سنڌي قوم جي اٻوجھ مسڪينن  کي ڄاڻي واڻي ان ڪوڙي غيرت واري ڌٻڻ ۾ فاسائي قوم  جو اصتحصال ڪيو پيو وڃي,

Munhenje Khuwaban Khe Janan Jo Haq aa


Kario Ghanwar College Jidojehd