ماڪڙن جو حملو ۽ پاڪستان جي زرعي معيشيت کي خدشو
ڊاڪٽر رفعت سلطانا ۽ ڊاڪٽر احمد علي سميج
ٻاويهه سالن جي عرصي کان پوءِ پهريون ڀيرو ماڪڙ (تڏ) تمام وڏي تعداد ۾ ٿر، نارا ۽ بلوچستان جي صحراهن ۾ ظهور پذير ٿيو آهي. جيڪو پاڪستا زرعي ميعشيت لاءِ خطرو ٿي سگهن ٿا. ۽ وڏي آفت آڻي سگهن ٿا جيڪڏهن هنن کي ضابطي ۾ نه آندو ويو.
تڏ جي هن نسل کي انگريزي ۾ Desert Locust چوندا آهن. هي تباهي مچائيندڙ،وڏي ميڙ ۾ تبديل ٿيندڙ ۽ وڏي اڏام رکندڙ تڏ آهي هي هر قسم جي فصل ۽ وڻن کي وڏي چاهه سان کائيندو آهي. پن، ميوو ۽ ڏانڊيون سڀ چٽ ڪري ڇڏيندا آهن.هڪڙي ڏينهن ۾پنهنجي جسم جي وزن جيترو(تقريبن 1.5 يا 2 گرام) گاهه کائيندو آهي.
Desert Locust مراڪش کان پاڪستان تائين تقريبن 30 ملڪن ۾ هوندو آهي ۽ تقريبن ڀروارن 60 ملڪن جي زراعت تي حملو ڪري سگهي ٿو. اهي تڏ هڪڙي اڏام سان 4500 کان 5000 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري سگهن ٿا. هي خاص ڪري دنيا جي مختلف صحرائن ڏانهن هجرت ڪندو آهي.هنن جي هجرت ۾ هوائون جي رخ جو، تيزي جو، ۽ Atmospheric Pressure جو اهم ڪردار هوندو آهي.
هنن جو پيدائشي عمل ڏاڍو تڪڙو هوندو آهي، هڪڙي مادي 80 کان 160 آنا هڪ ئي وقت لاهيندي آهي. هي پسيل وارياسي ۽ نرم زمين ۾ 4 انچ تائين هيٺ پنهنجي پُڇ جي مدد سان آنا لاهيندي آهي.جيڪڏهن صورتحال سازگار آهي ته ٻه يا ٽن ڏينهن جي اندر ٻچا فٽي زمين مان نڪرندا آهن ۽ انهن کي ڦڪا (Hopper) چيو ويندو آهي. اهي ڦڪا 5 يا 6 کلون لاهي 20 ڏينهن جي اندر وڏي تڏ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن.
Food & Agriculture Organization (FAO) جي ماتحت ڪم ڪندڙ ڊيسڪ
Desert Locust Information System (DLIS ماڪڙن کي ڪافي سالن کان ڪنٽرول۾رکيو ويٺو آهي. هن اداري جا هر هڪ ملڪ ۾ لوڪسٽ آفيسر مقرر ٿيل آهن. جيڪي وقتن فوقتن ماڪڙن جي صورتحال جو جائزو وٺي رپورٽ DLIS وٽ جمع ڪرائيندا آهن. جتي به ماڪڙن جو تعداد وڌنڌو آهي انهي ايريا ۾ ڦوهارو ڪري ماڪڙن کي ماريو ويندو آهي. ۽ هر مهيني سڀني ملڪن جي تازه ترين صورتحال بابت هڪ Bulletin شايع ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن اهڙي ڪا صورتحال هوندي آهي ته انهن ملڪن کي خدشي بابت آگاهه ڪيو ويندو آهي.
بهرحال ان وقت 22 سالن کان پوءِ هي صورتحالو ڇو پيش ٿي آهي، جئين ته توهان کي خبر آهي ته ڪافي وقت کان يمن ۾ هوشي باغين ۽ گورنمينٽ جي وچ ۾ سرد جنگ هلي رهي آهي. مارچ 2016 يمن ۾ ماڪڙن جو Out Break ٿيو پر اتي جنگي حالتن سبب ماڪڙ مار ڦوهارو ٿي نه سگهيو ۽ لوڪسٽ ڪنٽرول ٽيمون فيلڊ ۾ وڃي نه سگهيو. ۽ پوءِ آهستي آهستي ماڪڙن جو تعداد وڌندو ويو تانجو اهي Gregarious Phase ۾اچي ويا. ننڍا ميڙ (Swarm)پيدا ٿيا جيڪي ٻين ملڪن ڏانهن هجرت ڪري ويا. اسان پاڻ جون 2016 ۾ ٿر ۾ وڏي تعداد ماڪڙ ڏٺا پر اهي هتي اچي پنهنجي نسل کي وڌائي نه سگهيا ڇاڪاڻ ان وقت برساتون ايتريون نه هيون ۽ انهن جي لاءِ سائو گاهه به نه هو. اهڙي طريقي سان ٻين ملڪن ۾ ڦوهارو ڪري ماري ويو.
پر يمن ۾ اهي وڌندا رهيا ۽ 2017 ۾ سعودي عرب ۾ حج جي دوران مڪي مڪرم ۾ به ظاهر ٿيا هئا. هنيئر تازو 2019 ۾ يمن ۾ وڏا ميڙ پيدا ٿيو جنهن بابت اسان هڪ ڪالم لکي اگريزي اخبار کي شايع ڪرڻ لاءِ ڏنو جنهن ۾اسان اڳڪٿي ڪئي هئي ته هن سال پاڪستان کي وڌيڪ خطرو آهي، ڇو ته فيبروري ۽ مارچ ۾ برساتون گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هيون جنهن سبب هتي ماڪڙن جي لاءِ ماحول سازگار ٿي ويوهو.
تازو رمضان شريف جي مهيني ۾ ننڍا ميڙ يمن کان پاڪستان هجرت ڪري آيا ۽ هتي سازگار ماحول هجڻ ڪري انهن جو تعداد وڌنڌو ويو جنهن سبب ٺري مير واهه ٿر ۽ بلوچستان جي علائقي پنجڳور ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڦڪن جا ميڙ پيدا ٿي ويا آهن، جيڪي هتي جي زراعت کي تباهه ڪري رهيا آهن. هاڻي جيڪڏهن ماڪڙ مار ڦوهارو نه ڪيو ويو ته اهي تباهي مچائي سگهن ٿا اندازو هن مان لڳائي سگجهي ٿو.ته هڪ ڪلوميٽر اسڪوائر جو ميڙ هڪ ڏينهن ۾ ايترو کائيندو آهي جيترو 35000 ماڻهو، 20 اٺ ۽ 6 هاٿي هڪ ڏينهن ۾ کائي سگهن ٿا. مطلب ته هڪ ڏينهن ۾ ٽنن جي حساب سان وڻ ۽ گاهه چٽ ڪري ڇڏيندا آهن. ۽ جتان به گذرندا آهن پويان ساوڪ نالي ڪا شي به نه رهندي آهي.
2005-2003 جي دوران اولهه آفريڪا جي ملڪن ۾ ماڪڙن ايڏي ته تباهي آندي جو اتي 8 ملين ماڻهن جي 80 سيڪڙو زرعي پيدوار تباهه ٿي وئي.۽ FAO ماڪڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ 570 ملين ڊالر خرچ ڪيا هئا. مطلب ته انهن ملڪن جو ماڪڙن ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو هيو. هاڻي اسان جي اعليٰ اختيارين کي گذارش آهي ته هن صورتحال جو جائزو وٺي ڪري ملڪ کي قحط سالي کان بچايووڃي. ڇوته جيڪڏهن هنن جو هتي تعدد وڌي ويو ته ڪنٽرول ڪرڻ
لاءِ ڪافي سال لڳي ويندا.....